پرتاب راءِ مُنشي

پرتاب راءِ مُنشي: ٽالپرن جي دور جي شخصيت، پرتاب راءِ منشي، مير صوبدار خان جو خاص منشي هو. جڏهن سال 1826ع ۾ مير صوبدار خان، پنهنجن چاچن سان ملڪيت جي معاملي ۾ رنج ٿي فساد ڪرڻ ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو، تڏهن ان خرچ جي پورائي لاءِ هن منشي پرتاب راءِ جي معرفت زيوَر وڪڻي بندوبست ڪيو. ميرن جو صلاحڪار منشي پرتاب راءِ شهدادپور ويجهو لانڊين ۾ رهندو هو، بعد ۾ جلالاڻي بلوچن کيس قتل ڪري ڇڏيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو